دولت علويه

دولت علويه

دولت علويه

دولت علويه (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي سومرا حڪمران گهراڻي جي تاريخ تي علامه عبيدالله ’شائق‘ جو لکيل آهي. مصنف ڪتاب کي 118 موضوعن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ قديم سنڌ، سومرن جو اصل نسل، مقداد جو سنڌ اچڻ، ڀونگر اول، دودو اول، نصرپور جي فتح، راڻي زينب، عمرڪوٽ جي فتح، غزنويءَ جي سنڌ تي ڪاهه، قباچه گهراڻي جي سنڌ تي ڪاهه، دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مارئيءَ جو قصو، عمر ۽ گنگا جو قصو، راڻو مينڌرو، مينڌري جي معزولي، سمن جي قوم، سمن جي فتح ۽ سومرن جي هار، سومرن جا حڪمران ۽ ٻيا ڪيترا اهم موضوع شامل آهن. مولوي عبيدالله شائق ’گذارش‘ جي عنوان هيٺ پنهنجي ليک ۾ لکي ٿو ته، ”دولت علويه ڪتاب جي تصنيف ۾ مون هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي آهي: فتح البلدان، تاريخ طبري، بلاذري، اسماء الرجال، فتح سنڌ، سفرنامه ابن بطوطه، مجمله التاريخ، لُب تاريخ سنڌ، تحفة الڪرام، تاريخ فرشته، تاريخ معصومي، تاريخ گلزار سنڌ، نسب نامه ڪلان، تاريخ طاهري، شجره آبائي ۽ ٻيا گهڻائي شامل آهن.“ سنڌ جي سومرا حڪمرانن تي لکيل هي تفصيلي ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 1929ع ۾ شايع ٿيو، اهو ساڳيو ڪتاب گلشن پبليڪيشن، ٻيهر چار رنگي ٽائيٽل سان 2003ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 119 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ دولت علويهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو